اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ??حساس جي نئين پروگرام ”احساس نشوونما“ جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان کي گذريل ڏينهن بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ”احساس نشوونما“ پروگرام جو آغاز ڪندو. احساس نشو ۽ نما پروگرام تحت ملڪ جي 9 ضلعن ۾ 31 نشوونما مرڪز قائم ڪيا ويندا، ٻارن جي مناسب نشوونما ۾ رڪاوٽن جي خ??تمي لاءِ خصوصي طور تي ڊزائين ڪيل ان پروگرام ۾ حڪومت پاڪستان کي خوراڪ ??اري عالمي اداري جي مدد حاصل آهي.