اسلام آباد – 12 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سا?? 21 – 2020ع جي 7 هزار 137 ارب رپين جي ماپي جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو ويو، اين ايف سي ايوارڊ تحت 874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ??يو ويندو، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، احساس پروگرام 187 ارب رپين مان وڌائي 208 ارب رپيا ??يو ويو آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6 هزار 573 ارب رپيا مقرر ??يو ويو آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، سيمنٽ تي في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپين مان گهٽ ڪري هڪ رپيو 75 پئسا ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمد تي انڪم ٽيڪس جي شرح تي ڪچي مال تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ??يو ويو آهي، گهٽ کان گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي آهي، موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ??يو ويو آهي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي سا??ياني فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪري رهيا آهن، انهن کان 100 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز آهي، ڊبل ڪيبن تي في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ، درآمدي سگريٽن، ٻيڙي، سگار ۽ تماڪ جي شين تي لاڳو في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪرڻ، ڪورونا وائرس بابت صحت جي ساز و سا??ان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي توسيع ڪئي وئي آهي، ايندڙ مالي سا?? دوران واڌ??يج??ه جي شرح 0.4 مان وڌائي 2.1 سيڪڙو تائين آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکيو ويندو، مهانگائي جي شرح 9.1 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سيڪڙو تائين آندي ويندي، سڌي سنئين غيرملڪي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين اضافو ??يو ويندو، جڏهن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ ڪو به اضافو ناهي ??يو ويو. قومي اسيمبلي ۾ مالي سا?? 21 – 2020ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ٻي سا??ياني بجيٽ پيش ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، وزيراعظم عمران خان جي مثالي قيادت ۾ آگسٽ 2018ع کان هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، اسان مشڪل سفر کان شروعات ڪئي ۽ معيشت جي بحالي لاءِ پنهنجون ڪوششون شروع ڪيون ته جيئن وچين مدي واري معاشي استحڪام ۽ واڌ??يج??ه جي شرح ۾ بهتري آڻي سگهجي، اسان جي معاشي پاليسين جو مقصد ان واعدي جي تڪمي?? آهي جيڪو اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ جي لاءِ عوام سا?? ??يو آهي.