اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ۽ قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي ??اءِ حڪومت سرجيڪل ماسڪ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 78 فوتگين سان هن وقت مجموعي فوتگيون 1395 ٿي ويو?? آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ فوتگين ۽ ڪيسن جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي جو امڪا?? آهي، فرنٽ لا??ين تي ڪم ڪندڙ هيلٿ ماهرن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، افغانستان حڪومت جي درخواست تي ضروري شين جي چرپر جي اجازت ڏني وئي آهي، پهرين جون کان 10 جون تا??ين وڌيڪ 20 هزار ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آندو ويندو. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ گڏيل بريفنگ ڏئي رهيا هئا.