اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو آهي ته ارسطو بڻجي ليڪچر ڏيندڙن معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو، 3 ڏهاڪن تائين اقتدار ۾ رهندڙن ج?? منهن مان پاليسين جي تسلسل ۾ ناڪامي جي ڳالهه کل جوڳي آهي، ڪاش ملڪي معيشت جو فڪر انهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ به ڪيو هجي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس ??اشق اعواڻ چيو ته (ن) ليگي قيادت پاڻ پنهنجي جان، مال سميت پرڏيهي ملڪ وڃي چڪي آهي، سي??سي ساهه جاري رکڻ لاءِ پارٽي جي ٻي درجي جي اڳواڻن کي سيمينار ڪرائڻ جي نوڪري تي لڳايو ويو آهي