اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار وزيراعظم آفيس ?? ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار جي بطور منصوبابندي واري وزير ۽ خاص طور سي پيڪ منصوبي جو نئون فيز شروع ڪرڻ ۽ جاري منصوبن ۾ اڳڀرائي جي رفتار کي تيز ڪرڻ ۽ انهن کي عملي جام??و پارائڻ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو آهي.