اسلام آباد – 21 – نومبر (اي ??ي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سينيٽ کي ٻڌايو آهي ته فارن مشنز جي اسٽاف کي هاڻي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪئي پئي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن ج??اب?? جي وقي دوران سينيٽر سيف الله ابڙو جي سوال جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چي?? ته جمع ڪرايل آڊٽ پيرا ۾ 285 ملين رپين ۾ 93 ملين پرڏيهي وزارت بابت هئا جن جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، آڊٽ اعتراضن جو مطلب ڪرپشن يا غبن ناهي هوندو، ان ۾ ملازمن ۽ آفيسرن جي علاج جي حوالي سان ڪجهه ڪاغذ به جمع ناهن ڪرايا ويندا. ه?? چي?? ته آفيسرن کان ٿيندڙ ريڪوري معمولي نوعيت جي هوندي آهي، ان ۾ اڪثر ڪيسز آفيسرن ۽ اسٽاف ??ابت هوندا آهن جن ۾ ٽيليفون بل ۽ ٽي اي ڊي اي شامل هوندا آهن. نگران پرڏيهي وزير فارن مشنز جي اسٽاف ??ون پگهارون دير سان ملڻ جي سوال جي جواب ۾ چي?? ته ڪجهه مهينا اڳ پرڏيهي ناڻي ۾ گهٽتائي جي ڪري پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿي هئي پر هاڻي پگهار وقت تي ادا ڪيو پيو وڃي.