اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آمريڪي سفير ڊو??لڊ بلوم الوداعي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ -آمريڪا لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي پاڪ -آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي سفير ڊو??لڊ بلوم جي خدمتن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سفير لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري کي گڏجي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ لائحه عمل بڻائڻو پوندو. ڪنهن به غير قانوني پرڏيهي کي پاڪستان ۾ رهڻ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي. آمريڪي سفي?? چيو ته پاڪستان ۾ مقرري دوران سمورن ادارن جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ آمريڪي ڊپٽي هيڊ آف مش?? نيٽلي بيڪر به ان موقعي تي موجود هئي.