قاهره – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??را??ظم ڊي – 8 سر??راهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قاهره پهچي ويو. وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف 18 کان 19 ڊسمبر تائي?? قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن جي 11هين سر??راهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ جي لاءِ مصر جي سرڪاري دوري تي قاهره پهچي ويو. عرب جمهوريه مصر جي پبلڪ بزنس سيڪٽر واري وزير محمد شميمي ۽ قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملي هوائي اڏي تي وز??را??ظم جو استقبال ڪيو. 11هين ڊي – 8 سمٽ جو موضوع ”نوجوانن ۾ سيڙپڪاري ۽ سمال ميڊيم انٽرپرائيزز کي فروغ ڏيڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سر??راهي اجلاس ۾ وز??را??ظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي جوڙجڪ جي لاءِ نوجوانن ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽرپرائيزز (ايس ايم ايز) ۾ سيڙپڪاري جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. وز??را??ظم وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي حوالي سان غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي ڊي – 8 جي خصوصي سر??راهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سر??راهي اجلاس جي موقعي تي وز??را??ظم جي شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن. پاڪستاني وفد ۾ نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير ??طا??ُ الله تارڙ شامل آهن. 1997ع ۾ استنبول ۾ قائم ڪيل ڊي – 8 آرگنائيزيشن فار اڪنامڪ ڪوآپريشن، جنهن کي ڊيولپلنگ – 8 پڻ چيو وڃي ٿو، بنگلاديش، مصر، انڊونيشيا، ايران، ملائيشيا، نائجيريا، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ترقياتي تعاون جي هڪ تنظيم آهي. ان تنظيم جو مقصد ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ آهي ته جيئن اقتصادي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ زراعت، واپار، لڏپلاڻ، صنعت، توانائي ۽ سياحت ۾ بهتري آڻڻ ۽ تعاون وڌائڻ تي ڌيان ڏيندي زندگي جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي.