اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي ??ي ڏسڻ ۽ ان مسئلي ??ي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اها ڳالهه ڊپٽي اٽارني جنرل جاويد اقبال گذريل ڏينهن سپريم ڪو??ٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ آڏو دليل ڏيندي ڪئي. هن عدالت آڏو گ??ار?? ڪئي ته گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آهي. حڪومت ان معاملي ??ي ڏسڻ ۽ سفارشون ڏيڻ لاءِ ڪابينه جي ذيلي ??ميٽي جوڙي ڇڏي آهي. حڪومت صاف نيتي سان ان مسئلي ??ي هميشه لاءِ حل ڪرڻ چاهي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪو??ٽ جي آئيني بينچ ڪيس ۾ وفاق، گهرو وزارت ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ته هو ايندڙ هفتي ٻُڌڻيءَ تي پنهنجون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪن. جسٽس جمال خان مندوخيل ٻُڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ته هي انتهائي اهم ڪيس آهي، هزارين ماڻهن جي گُم ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ هاءِ ڪو??ٽس ۽ سپريم ڪو??ٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. بئريسٽر اعتزاز ۽ لطيف کوسه جهڙا سياستدان هتي عدالت ۾ موجود آهن. ان مسئلي ??ي پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته عدالت چيو ته اهڙيءَ طرح جي سنگين مسئلي ??ي بنا ڪارروائيءَ جي صرف لفظن ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. جسٽس محمدعلي مظهر، اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته جبري گمشدگي تي جاچ ڪميشن گهڻن گُم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آهي؟ جسٽس حسن اظهر رضوي پُڇاڻو ڪيو ته جبري گمشدگي تي جاچ ڪميشن وٽ ڊيٽا موجود آهي، گم ٿيلن جي ذميوارن بابت ڊيٽا ڇا ٿي چوي؟ بازياب ٿيل ماڻهو پنهنجي اغوا ڪندڙن بابت ڇا چون ٿا؟ جسٽس جمال مندوخيل جبري گمشدگي جي ڪجهه اڳوڻن واقعن طرف اِشارو ڪندي چيو ته ڪجهه گُم ٿيل ماڻهن بازياب ٿيڻ کانپوءِ چيو ته گم نه ٿيا آهن ۽ آرام ۽ تفريح لاءِ اُترين علائقن ۾ آهن. جسٽس مسرت هلالي اي ايس سي لطيف کوسه کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته توهان جي پارٽيءَ جا ماڻهو به گُم ٿي ويا، واپسيءَ تي اغوا ڪندڙن بابت انهن جو ڪهڙو بيان هو؟ لطيف کوسه عدالت کي جواب ڏنو ته جيڪڏهن هو ڳالهائيندا ته سندن ٻار اغوا ٿي ويندا. جسٽس نعيم افغان بلوچستان هاءِ ڪو??ٽ جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ عدالت 25 وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته هو واپس آيل گم ٿيل ماڻهن جي گهر وڃن، جڏهن ته ڪو??ه عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگي جي مسئلي جو حل اهو آهي ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ويهي ڪ?? رستو ڪڍن. عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪ??دي وفاق ۽ گهرو وزارت کي معاملي تي تازي رپورٽن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.