بهاولپور-03 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اوچ شريف ۾ حضرت محبوب سبحاني جي مزار ??ي حاضي ڀري فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چڙهائي. هن پنهنجي ڪٽنب جي ٻين بزرگن جي مزارن تي به حاضري ڀري. ڪٽنب گيلاني ملتان، ڪٽنب گيلاني اوچ شريف ۽ ڪٽنب گيلاني جمال الدين وارا، اڳوڻي ايم اين سيد علي حسن گيلاني جي لاڏاڻي تي تعزيت ۽ سن??س ڀائيٽي سيد غوث معين الدين گيلاني جي دستاربندي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين، پنجاب جو اڳوڻو گورنر مخدوم احمد محمود، سيد افتخار ??لحسن گيلاني، سيد احمد مجتبيٰ گيلاني، گادي نشين حضرت موسيٰ پاڪ ش??يد ابوالحسن جمال الدين گيلاني، ايم اين اي سيد سميع الحسن گيلاني، پير ڪوٽ مٺڻ شريف عامر ڪوريجه، سيد سهيل گيلاني ۽ ٻيا موجود هئا. سينيٽ چيئرمين اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود سان گڏ مرحوم ايم اين اي سيد علي حسن گيلاني جي ڪٽنب سان تعزيت ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته مرحوم هڪ مهربان ۽ رحمدل شخص هو. سندس لاڏاڻو گيلاني خاندان ۽ اوچ وارن لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي. سينيٽ چيئرمين مرحوم لاءِ دُعا ۽ سوڳوار ??اندان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.