قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ب??گل??ديش ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آه??. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه ب??گل??ديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس جي وچ ۾ ڊي – 8 سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي اها ملاقات پاڪستان ۽ ب??گل??ديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي حقيقي عڪاس آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن کي اجاگر ڪندي ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي پاڪسدتان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ خ??ص طور تي ڪيميڪلز، سيمنٽ ڪلينڪر، جراحي اوزارن، ليدر مصنوعات ۽ آءِ ٽي سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ب??گل??ديش جي وچ ۾ واپار ۽ سفر جي سهولت جي لاءِ تازن قدمن تي ب??گل??ديش جا ٿورا مڃيا جنهن ۾ پاڪستان مان ايندڙ سامان جي 100 سيڪڙو فزيڪل معائني جي شرط کي ختم ڪرڻ ۽ ڍاڪا ايئرپورٽ تي پاڪستاني مسافرن جي جاچ پڙتال جي لاءِ قائم خصوصي سيڪيورٽي ڊيسڪ کي ختم ڪرڻ شامل آه??. وزيراعظم پاڪستاني ويزا جي درخواست ڏيندڙن جي لاءِ اضافي ڪليئرنس جي شرط ختم ڪرڻ تي پڻ ب??گل??ديش جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن ۾ تازي اڳڀرائي ۽ وڌندڙ اعليٰ سطح جي رابطن تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وسيع ۽ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گڏيل طور تي فائديمند ترقياتي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آه??گ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻ عوام سان عوام جي رابطن ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت کي تسليم ڪيو جنهن ۾ فنڪار، رانديگر، تعليمي ماهر ۽ شاگرد شامل آه??. ٻنهي اڳواڻن ب??گل??ديش جي ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪستان جي دوري ۽ پاڪستاني فنڪارن جي ڍاڪا ۾ ڪنسرٽ منعقد ڪرڻ تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن ڊي – 8 سميت مختلف گهڻ رخي فورمز تي تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.