باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊينمارڪ سان گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ڊينمارڪ ??ي وزيراعظم ٻطرفي ??قتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ ڪوپ 29 جي موقعي تي ڊينمارڪ ??ي وزيراعظم ميٽ فريڊرڪسن سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ??ي وچ ۾ سياسي، واپاري، سيڙپڪاري، زراعت، انفا??مي??ن ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ ٻطرفي ??عاون خاص طور تي گرين ٽرانزيشن ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ??عاون جي فروغ سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي ج?? اهم ترجيحن تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي اتفاق ڪي?? ته جيئن ڌرتي کي موسمياتي تبديلي جي هاڃيڪار اثرن کان بچائي سگهجي. هن سال پاڪستان ۽ ڊينمارڪ ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم گڏيل حصيداري جي ذريعي اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڊينمارڪ ??ي وزيراعظم ٻطرفي ??قتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪي??.