اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آ??ف علي زرداري پاڪ بحريه کي اتر عرب سمنڊ ۾ منشيات جي خاتمي جي وڏي ۽ ڪامياب آپريشن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شڪي ٻيڙيءَ مان وڏي مقدار ۾ منشيات پڪڙڻ تي پاڪ بحريه کي ساراهيندي چيو ته پاڪ بحريه جي ملڪ دشمن ۽ ڏوهاري پيشي عنصرن جي خلاف موثر ڪارروائي ساراهه جوڳ?? آهي. هن چيو ته اتر عرب سمنڊ ۾ ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 سان گڏ ڪامياب آپريشن پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي عڪاس آهي. گڏيل آپريشن ۾ پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذوالفقار ۽ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي جهاز پي ايم ايس ايس ڪولاچي حصو ورتو، گڏيل آپريشن ۾ ??مر??ڪي بحريه جي ايئر ??رافٽ ڪيريئر يو ايس ايس ابراهم لنڪن، ??مر??ڪي ڪوسٽ گارڊ ۽ پاڪ بحريه جي هوائي جهازن پڻ مدد فر??هم ڪئي. صدر پاڪستان جي سامونڊي حدن جي حفاظت ۽ سمنڊ ۾ غيرقانوني سرگرمين جي خلاف پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو.