اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) اس??ام آباد اس??يٽ ايجنٽس ايسوسي ايشن جي صدر ۽ آءِ س?? سي آءِ جي ميمبر سردار طاهر محمود ۽ جنرل سيڪريٽري چوڌري زاهد رفيق چيو آهي ته ايس سي او اجلاس جي ميزباني پاڪست??ن لاءِ اعزاز آهي. پنهنجي گڏيل بيان ۾ هنن چيو ته اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي سربراهن سميت ٻيا نمائندا شرڪت ڪندا، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ساڍا 3 ارب آبادي جا ترجمان هوندا، اهڙو موقعو پاڪست??ن لاءِ نعمت کان گهٽ نه آهي، اسان کي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سمورن مهمانن کي ڀليڪار ڪرڻو آهي. هن چيو ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس سينٽرل ايشين ملڪن جو هڪ ٻئي س??ن لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جو اهم موقعو آهي ۽ پاڪستان ۾ ان جي منعقد ٿيڻ سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي بهتري جي راهه هموار ٿيندي.