اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ و??ندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ترجيح ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسرائيل تازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. هن چ??و ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ و??يڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون متاثر ٿي رهيون آهن. فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آز??د زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ و??يڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چ??و ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياس??ي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.