اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اخبارن جمهوريت کي فروغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل مظاهرو ڪيو آهي، سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ جتي غلط ??علومات پکڙيل آهي اتي اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي يقيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون ش??يع ڪن ٿيون. نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اخبارن جي هن قومي ڏينهن تي اسان اخبارن جي لازمي حصيداري کي پنهنجي جمهوريت جي سن?? بنياد جي طور تي تسليم ڪريون ٿا ۽ ملهايون ٿا، پوري تاريخ ۾ پريس جي ذريعي تيار ڪيل بيانيي عوامي ڳالهه ٻولهه جي جوڙجڪ ۾ هڪ تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، فڪري ۽ نظرياتي بيداري جي دور ۾ اخبارن تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام کي قابل اعتماد معلومات فراهم ڪري جذبي ۽ بيداري کي فروغ ڏنو آهي. هن چيو ته اسان جي پنهنجي سفر جي عڪاسي ڪندي پاڪستان تحريڪ آزادي جي اه?? لمحن دوران اخبارون اسان جي قوم جي بانين جو طاقتور آواز بڻجي ويون جنهن پوري ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمان ڪميونٽي کي متحد ڪيو، ان کانپوءِ جي سالن ۾ انهن اه?? اشاعتن جمهوريت کي فروغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هن دور ۾ جتي غلط ??علومات پکڙيل آهي، اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي يقيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون پيش ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي وڌڻ سان پرنٽ ميڊيا جي اه??يت گهٽ ناهي ٿي، موجوده دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا جي مطابقت اڃا وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي، جتي سوشل ميڊيا اسان جي معلومات تائين پهچ جي طريقي ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي اتي ان جعلي خبرن ۽ غلط ??علومات جي شڪل ۾ چئلينجز پڻ پيدا ڪيا آهن، اخبارون پنهنجي قائم ڪيل ادارتي معيارن ۽ حقيقتن جي جانچ جي سخت عمل سان ڊيجيٽل گوڙ ۽ الجهن جي وقت معلومات جي قابل اعتماد ذريعي جي طور تي ڪم ڪنديون رهن ٿيون، اه?? جوابدهي جي سطح فراهم ڪن ٿيون جيڪا اڪثر آن لائين جاين تي غائب رهي ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سچائي سان ٺاهه نه ڪيو وڃي. هن چيو ته هڪ باخبر معاشري جي طاقت کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، باخبر شهرين جي ذريعي ئي اسان هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ لچڪدار پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، آئون هر ماڻهو جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اه?? اخبار پڙهڻ جي عادت کي اختيار ڪن، ڇو ته اه?? جعلي خبرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ذميوار شهريت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اه?? آهي. هن چيو ته اچو اسان گڏجي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخبارن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون ۽ ان انمول اداري جي مدد ڪريون ته جيئن اه?? ديانتداري ۽ لگن سان اسان جي قوم جي خدمت جاري رکي سگهي.