اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي ٽن ڏينهن ۾ جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پا??ستاني شهرين کي دمشق ذ??يعي وطن واپس آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غزه ۽ فلسطين ۾ پا??ستان پاران امدادي سامان موڪلڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته آڪٽوبر 2023ع کان هيستائين پا??ستان پاران 1810 ٽن تي ٻڌل دوائن، غذائي سامان، ملبوسات ۽ ٻين امدادي شين جون 10 کيپ ??لسطين موڪليون ??يون آهن، وڌيڪ پا??ستاني شهرين کي جنگ سٽيل علائقن مان وطن واپس آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم ٽن ڏينهن ۾ پا??ستان حڪومت پاران فلسطين جي لاءِ امدادي پروگرام جي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته صيهوني فوج جي عتاب هيٺ فلسطيني ڀائرن جي مدد جي لاءِ اسان کي بحيثيت قوم متحرڪ ٿيڻو پوندو، امدادي سرگرمين ۾ ملڪ جي ناليواري اين جي ايوز کي شامل ڪيو وڃي، غزه سان تعلق رکندڙ وڌ کان وڌ شاگردن کي پا??ستان ۾ تعليمي سهولتون ??راهم ڪيون ??ڃن، ان سرگرمي ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن سان تعلق رکندڙ تعليمي ادارن جي شرڪت يقيني بڻائي وڃي. هن چيو ته پا??ستان حڪومت لبنان ۾ ڦاٿل 71 پا??ستاني شهرين کي دمشق ذ??يعي وطن واپس آڻي رهي آهي.