اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته پاڪستان، سعودي عر?? بزنس فورم ذريعي ٻنھي ملڪن وچ ۾ مضبوط اقتصادي سھڪار سان پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪندي ۽ معاشي استحڪام سان گڏو گڏ عوامي فلاح ۽ بھبود جي موقعن ۾ به اضافو ٿيندو. پاڪستان سعودي عر?? بزنس فورم جھڙا پليٽ فارمز ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سھڪار کي ھٿ?? وٺرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا. سعودي عر?? جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ توانائي، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا موجود آ??ن، ان قسم جي فورمز سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ناتن کي ھٿ?? وٺرائڻ ۽ پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. انھن خيالن جو اظھار ھن گذريل ڏينھن پاڪستان سعودي عر?? بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. ان فورم جو مقصد ٻنھي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي بھتر بڻائڻ آھي ته جيئن پاڪستان جي معيشت تيزي سان ترقي ڪري. ھن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا موجود آھن ۽ انھن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ سعودي حڪومت ۽ واپاري برادري جي مدد ڪنداسين. ھن چيو ته مشڪل حالتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا شڪرگذار آھيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني حڪومت ادارن ۾ جيڪي پاليسي سڌارا آندا آھن اھي سعودي عر?? جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڏانھن آڻيندا. ان سڌارن جو مقصد ڪاروباري ماحول کي بھتر بڻائڻ، سيڙپڪارن کي سھولتون فراھم ڪرڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ آھي. ھن چيو ته بھتر پاليسين جي نتيجي ۾ سعودي عر?? جي سيڙڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا وڌيڪ پرڪشش لڳندا جنھن سان ٻه طرفا واپاري لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ھن چيو ته پاڪستاني حڪومت تازو ئي جيڪي پاليسي سڌارا آندا آ??ن، انھن جو مقصد سيڙپڪاري جي ماحول کي بھتر بڻائڻ ۽ پرڏيھي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ وڌيڪ آسانيون فراھم ڪرڻ آھي، حڪومت آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل معيشت کي ھٿ?? وٺرائڻ لاءِ ڪيتريون نيون پاليسيون متعارف ڪرايون آ??ن، جن جو مقصد شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي ملڪ ۾ آڻڻ آھي، اھي سڌارا سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ پرڪشش حيثيت رکن ٿا ۽ سعودي سيڙپڪار انھن پاليسين مان ڀرپور نموني فائدو کڻي سگھن ٿا. ھن چيو ته پاڪستان سعودي عر?? بزنس فور جھڙا پليٽ فارمز پاڪستان جي معيشت لاءِ تمام اھم آھن ۽ ان سان معاشي ترقي جي رفتار تيز ٿي سگھي ٿي. اھڙا فورمز ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري موقعن کي وڌائڻ ۽ ٻه ط??في اقتصادي سھڪار کي ھٿ?? وٺرائڻ جا موقعا فراھم ڪن ٿا.