اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته سفارتي مصروفيتن ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي تياري?? کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلا?? ۾ ??رڪت لاءِ نيويارڪ نه ويندو. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي شرڪت بابت ميڊيا جي قياس آرائين جي حوالي سان وضاحت ڪندي ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلا?? ۾ ??رڪت واري پروگرام ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.