اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪ??رز جي چيئرپرسنز جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وزير سردار اوي?? احمد خان لغاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وسيلن تي ڌيان جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بورڊ آف ڊائريڪ??رز جي چيئرپرسنز کي هدايت ڪئي وئي ته انساني وسيلن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت لاءِ آئوٽ سورسنگ جي اصو??ن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چوري جي خاتمي ۽ ڪس??مر ڪيئر جي روشني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گورننس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو.