اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ??ورپي يونين سان ??اڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، يورپي يونين سان ??اڳاپن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙو اظهار ه?? يورپي يونين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل جي سربراهي ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا به شامل هئي. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، انساني حقن ۽ موسمياتي تبديلين سميت اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ??ورپي يونين سان ??اڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ??ڪ گهڻ رخي الثقافتي، گهڻ مذهبي ۽ گهڻ قومي ملڪ آهي?? پاڪستاني شهرين کي آئ??ن موجب سمورا بنيادي حق حاصل آهن، انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ پارليامينٽ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان ۾ اقليتي قومي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان ??ذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهيا آهيون، اقليتي برادرين کي به پارليامينٽ ۾ ڀرپور نمائندگي ڏني وئي آهي. اسپيڪر چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺندي اتي جاري ظلمن کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جي ايس پي پلس جي حوالي سان ??اڪستاني قدمن کي عالمي پذيرائي ملي رهي آهي.يورپي يونين جي خصوصي نمائندي فرانس وين ڊيل چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي اهم ملڪ آهي، ان سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهيون ٿا، يورپي يونين پاڪستان سان ??طرفي ۽ گهڻ رخي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي.