اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ طور ترجيح ڏئي رهي آهي، اس??ن جي ڪوششن ۽ عالمي حصيدارن جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪست??ن جي اهميت وڌيڪ وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم سيڪريٽري جنرل ويلاسڪو جي آجيان ڪئي ۽ آءِ ايم او سان تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي سگهه ڏيڻ، سامونڊي وسيلن جي ڳولا، سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي پاڪست??ن جي خواهش کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت بليو اڪانومي کي اقتصادي ترقي جي حڪمت عملي جي مرڪزي ٿنڀ جي طور تي ترجيح ڏئي رهي آهي. هن سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ??دي?? ٽيڪنالاجيز متعارف ڪرائڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي روشني وڌي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته انهن ڪوشسن جي ذريعي ۽ آءِ ايم او ۽ عالمي حصيدارين جي تعاون سان دنيا جي سامونڊي نقشي تي پاڪست??ن جي اهميت وڌيڪ وڌندي. وزيراعظم شهباز شريف سامونڊي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي عالمي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ عالمي حصيدارن ۽ آءِ ايم او سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪست??ن جي پختي عزم جي ت??دي?? ڪئي. آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جي قيادت ۽ معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجي سامونڊي وسيلن مان فائدو کڻڻ ۽ عالمي ميري ٽائيم ڪميونٽي ۾ ??ن جي ڪردار جي لاءِ پاڪست??ن جي فعال ڪردار کي ساراهيو. هن عالمي سامونڊي برادري ۾ پاڪست??ن جي فعال شرڪت جو اعتراف ڪيو ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آءِ ايم او پاران حمايت جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.