اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته حڪومت مقامي واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ در??يش مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي نمائندن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي چيئرمين چوڌري ذوالفقار حيات وفاقي وزير جي ويزن کي ساراهيو. چيئرمين چيو ته پهريون ڀيرو هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن ک?? بااختيار بنائڻ ج?? باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن لاءِ هڪ سيڪريٽريٽ قا??م ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان واپار واري وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ لاءِ هڪ بلٽ ان مڪينزم سان گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفاقي وزير ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون ??يش ڪن، انهن سفارشن کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ ف??ڊ ۾ غور ۽ منظوري لاءِ ??يش ڪيو ويندو.