اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشنز دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر ڪارروا??ن دهشتگردن جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو، ??وري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته اسان ??هي??ن جي لازوال قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم ??هي??ن جي درجن جي بلندي جي لا??ِ دعا ڪئي ۽ انهن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.