اسلام آباد – 21 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي ج?? لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن، اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي پاڪستا?? جي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان جائزه اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، سيد محسن نقوي، راڻا تنوير حسين، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، پلاننگ ڪميش?? جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، چئني صوب?? جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف قدمن کي وڌيڪ موثر ۽ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن کي قطعي طور تي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين. اسمگلنگ کي روڪڻ ج?? لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻايو وڃي. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن ۽ ا?? جي سهولتڪارن سان گڏوگڏ ٽرانسپورٽرز جي اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي ضبط ڪري انه?? جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اها خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته لاڳاپيل ادار?? جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ اسمگلنگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. ايف بي آر، گهرو وزارت ۽ ٻيا ادارا پاڻ ۾ تعاون وڌيڪ بهتر ڪن. هن چيو ته سرحدي علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ٺاهي پيش ڪئي وڃي. اسمگلنگ جي ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتم?? لاءِ سمورا ادارا پنهنجون ڪوششون تيز ڪن. اجلاس کي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ا?? جي هيستائي?? جي نتيجن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهرو وزارت جي نگراني ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ ج?? لاءِ ملڪ گير مهم جاري آهي. پيٽروليم مصنوعات، سگريٽ، موبائيل فون، سون، چانهه، ڪپڙا، ضروري شين، ٽائر ۽ گاڏي?? جي پرز?? جي اسمگلنگ جي خلاف موثر قدم کنيا پيا وڃن. اسمگلنگ کي روڪڻ جي دائري ۾ ضروري شين سان گڏوگڏ ٻين شين کي به شامل ڪيو ويو آهي. يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ کي روڪڻ ج?? لاءِ ويب پورٽل جاري ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت موجب 54 گڏيل چيڪ پوسٽن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. نان ڪسٽمز گاڏي?? جي نشاندهي ۽ انه?? جي ميپنگ ج?? لاءِ نظام جاري ڪرڻ جي ??خر?? مرحلي ۾ آهي. پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ ج?? لاءِ قانونسازي جو مسودو حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس ۾ اسمگلنگ کي روڪڻ جي مهم جي هيستائي?? جي ڪارروائي جي ڪارڪردگي تي رپورٽ به پيش ڪئي وئي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ۾ شامل 212 اهڙيون شيون ج?? جي اسمگلنگ جو خطرو هو، جي نشاندهي ڪري ان تي پابندي هنئي وئي آهي. افغان ٽرانزٽ ٽريڊ ج?? لاءِ انشورنس گارنٽي بدران بئنڪ گارنٽ?? لازمي قرار ڏني وئي آهي. ضروري شي?? جي اسمگلنگ ۾ خاطرخواهه گهٽتائي سان گڏوگڏ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي، کنڊ جي اسمگلنگ ۾ 80 سيڪڙو سان گڏوگڏ ٻين روزاني جي استعمال جي شي?? جي اسمگلنگ ۾ پڻ واضح گهٽتائي ٿي. مالي سال 24 – 2023ع دوران اسمگلنگ جون ڪوششون ناڪام بڻائي ضبط ٿيندڙ شي?? جي ماليت 106 ارب رپيا آهي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي مهم سان ملڪ ۾ ذخيره اندوزي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي. اسمگلنگ ۾ ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسر?? جي خلاف ڪارروائي جي حوالي سان پڻ اجلاس کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن، ٽرانسپورٽرز ۽ انه?? جي سهولتڪار?? جي نشاندهي جو عمل تيزي سان جاري آهي. ان حوالي سان نادرا، ا??ڪسائيز ۽ ٻين ادار?? جي ڊيٽا بيس مان به مدد ورتي پئي وڃي.