اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي اين ڊي ايم اي استور ۾ ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ فوري ايڪشن وٺي ڇڏيو ۽ ٻوڏ ريلي کان متاثر علائقي ۾ غيرملڪي سياحن جي محفوظ هجڻ جي رپورٽ پيش ڪئي ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻه اطالوي ۽ ارجنٽينا سان تعلق رکندڙ هڪ سياح محفوظ ۽ متاثر علائقي کان پري آهن، فينه پُل جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل ادارا حالتن جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال جي لاءِ تيار آهن. وزيراعظم ه??ايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سياحن ۽ مقامي ماڻهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني ک?? منهن نه ڏيڻو پوي.