اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پ?? پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نئين جوڙيل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. پرڏيهي آفيس موجب ڪميٽي جي پ??رين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۽ ان جي ترجيحن خا?? طور تي اسٽريٽجڪ، روايتي ?? علائقائي حصيدارن سان گڏوگڏ گهڻ رخي تنظيمن خا?? طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او، ڊي – 8 ۽ ٻين سان اعليٰ سطحي رابطن جي ڏس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏنين. نائب وزيراعظم ڪميٽي جي س??ال?? جا جواب پڻ ڏنا ۽ انهن کي حاصل ڪيل اهم هدفن سميت اقتصادي ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري کان آگاهه ڪيو.