عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اردن جي گادي واري شهر عمان ۾ برطانيا جي وچ اوڀر، اتر آفريقا، ڏکڻ ايشيا، گڏيل امارات ۽ دولت مشترڪه بابت مملڪتي و??ير لارڊ طارق احمد سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات دوران ڌرين پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظاهر ڪيو. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ?? ان حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو ذڪر ڪندي بين المذاهب مڪالمي کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اينهانسڊ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ (اي ايس پي) جي شڪل ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ، توسيع ڏيڻ ۽ اپ گريڊ ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ڌرين برطانيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي تحت مائيگريشن ٽريڪ ??ي ا??تي وڌڻ تي اتفاق ڪيو. هن افغانستا، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.