اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان ??ي ترقي جي لاءِ سياسي ۽ عوامي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءُ ال??ه جي سربراهي ۾ 9 ??ڪني اسٽيئرنگ ڪمي??ي جوڙي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران ??ن ڪمي??ي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪميٽي ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، گلگت بلتستان ??و وڏو وزير حاجي گلبر خان، گلگت بلتستان ??و اڳوڻو وڏو وزير حافظ حفيظ الرحمان، گلگت بلتستان ??و ناڻي وارو وزير انجنيئر محمد اسماعيل، گلگت بلتستان ??و منصوبابندي ۽ ترقي وارو وزير راجا ناصر علي خان، ڪشمير معاملن وارو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان ۽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو سيڪريٽري شامل آهن. ڪمي??ي جو سيڪريٽريٽ بين الصوبائي رابطن واري وزارت ۾ هوندو. اها ڪميٽي ايندڙ مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ ۾ شامل قدمن ۽ سڌارن تي اتفاق راءِ جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪندي.