شي آن – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??نهنجي چين جي دوري جي ٽئين مرحلي ۾ شي آن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي آن پهچڻ تي ??انسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ ۽ اعليٰ چيني سفارتي ??ملي سميت اعليٰ پاڪستاني سفارتي ??هلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي شي ان جي دوري دوران شانسي صوبي جي اعليٰ پارٽي قيادت سان ملاقات ڪ??دو. ان کانسواءِ جديد زراعت جي حوالي سان قائم اداري، يانگلنگ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين ۽ سردار اويس خان لغاري شامل آهن.