اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذر??ائ??جان دوستاڻي لاڳاپن جي وسيع امڪانن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ آذر??ائ??جان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفي ۽ عالمي معاملن تي ٻڌل گهڻ رخي ٻطرفي ۽ علائقائي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، رابطن، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا. هن چيو ته ٻئي ملڪ خاص طور تي توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي سيڙپڪ??ري کي وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، توانائي تي گڏيل ورڪنگ گروپ ان شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم هوندو. هن چيو ته ٻئي ملڪ واپ??ري ۽ تعليمي رابطن کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ قابل تجديد توانائي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي پڻ فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن. نائب وزيراعظم ڪوپ – 29 اجلاس جي ميزباني جي لاءِ آذر??ائ??جان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي حمايت جو يقين ڏياريو. ڌرين غزه جي موجوده صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسرائيلي جارحاڻي ڪاررواين کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشمير مسئلي تي آذر??ائ??جان جي مستقل ۽ اصولي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ آذر??ائ??جان جي خودمختي??ري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. آذر??ائ??جان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ان مقوعي تي صحافين کي ٻڌايو ته ملاقات ۾ هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ تعاون ۽ اسٽريٽجڪ حصيد??ري کي مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ۽ واپ??ري تعاون جي تمام گهڻي صلاحيت اڃا تائين استعمال ۾ ناهي آئ?? جنهن جي لاءِ توانائي، سياحت، ٽرانسپورٽ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فارماسيوٽيڪل ۽ ٽرانسپورٽ گڏيل اقتصادي منصوبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن سال جي آخر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اٺون پاڪستان آذر??ائ??جان بين الحڪومتي ڪميشن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن پاڪستان جي واپ??ري برادري کي آذر??ائ??جان جي سازگار ڪاروب??ري حالتن ۽ ڪنيڪٽيويٽي منصوبن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇهن سڌوسنئون اڏامن ۽ گذريل سال آذر??ائ??جان جو دورو ڪندڙ 55 هزار پاڪستانين جو ذڪر ڪندي چيو ته ايندڙ ڪوپ – 29 اجلاس توانائي ۽ موسمياتي تبديلي ۾ تعاون جا موقعا پڻ پيدا ڪندو. هن ڪاراباخ تڪرار تي سياسي ۽ اخلاقي حمايت سان پاڪستان جي ٺوس موقف کي پڻ ساراهيو ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پرامن حل تي آذر??ائ??جان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي سميت سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته آذر??ائ??جان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اسرندڙ ملڪ موافقت کي فروغ ڏيڻ سميت فني ۽ صلاحيت سازي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ ضروري وسيلا حاصل ڪري سگهن. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان کي 34 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي ۽ ملڪ اڃا به متاثر آبادي جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، انرجي سيڪيورٽي ۽ ڪنيڪٽيويٽي حڪومت جي ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. هن اوڀر چين، ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۽ ٻين ملڪن کي ڪنيڪٽيويٽي فراهم ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ پاڪستان جي مثالي اسٽريٽجڪ جڳهه کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئ?? جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، تعليم، ڪلائميٽ ايڪشن ۽ علائقائي رابطن سميت دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ مضبوط عزم جو اظهار ڪيو.