اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي، هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏ??ند??سين، رانديگرن کي ادارن ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جي پاليسي تي هڪ هفتي ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان ??اڪيءَ ٽيم جا رانديگر اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ ۾ هارائي به کٽي ويا آهن، منهنجي خواهش آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ان ۾ ماضي جا هيروز ڏسڻ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جو فائينل کيڏندڙ قومي هاڪيءَ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، پاڪستان ??اڪيءَ فيڊريشن جي عهديدارن ۽ رانديگرن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڄ توهان اڏو خاص مهمان بڻجي نه پر توهان ??اڪستان جي نالي کي هاڪيءَ جي مي??ان ۾ بلند ڪرڻ جي لاءِ دنيا آڏو جيڪا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ان کي ساراهڻ جي لاءِ موجود آهيان. اڄ جي تقريب جا خاص مهمان ??ومي هاڪيءَ ٽيم جو ڪپتان، رانديگر،فيڊريشن جا عهديدار ۽ اولمپڪس گيمز ۾ حصو وٺندڙ ٻيا رانديگر آهن. وزيراعظم چيو ته سڀني کي دل جي گهراين سان ??بارڪباد پيش ڪريان ??و. پوري قوم ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهي آهي ته اذلان شاهه هاڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ اسان جي هاڪيءَ ٽيم هارائي نه آهي پر کٽي آهي. گذريل ڏيڍ ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ هاڪيءَ جي راند ڏُڪار جو شڪار رهي. سمجهه نه پئي آئي ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو جڏهن پاڪستان جي عوام توهان جي ڪارڪردگي ڏسي صلاح الدين، اختر رسول ۽ ٻين ناليوارن رانديگرن کي ياد ڪندي. انهن عظيم رانديگرن ۽ هيروز پوري دنيا ۾ پاڪستان جهنڊو بلند ڪيو. اڄ ڪنهن به حجت کانسواءِ اها ڳالهه ڪري سگهان ??و ته اسان جا اهي ماضي جا عظيم ڏينهن واپس اچي ويا آهن. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هاڪيءَ جي راند ٻيهر عروج حاصل ڪندي. منهنجي خواهش آهي ته هاڪيءَ جي رانديگرن جي ڪارڪردگي اهڙي هجي جو ماضي جا هيروز توهان ۾ ڏسڻ ۾ اچن. هاڪيءَ ٽيم جي ٺوس ڪوشش اڄ رنگ لاتو آهي. وزيراعظم چيو ته هارائڻ کٽڻ راند جو حصو آهي پر جهڙي طريقي سان توهان ??قابلو ڪيو آهي اهو مستقبل ۾ فتح جي نويد آهي. شاندار ڪارڪردگي تي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، انهن جي والدين، ڪوچز ۽ منتظمين کي مبارڪباد ۽ سلام پيش ڪريان ??و. هاڪيءَ جي فروغ ۽ بحالي جي لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور تعاون ڪندي. هاڪيءَ جي راند جي بهتري جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏ??ند??سين. ان سلسلي ۾ فيڊريشن ۽ ٻين ڌرين سان گڏجي قدم کنيا و??ند??. وزيراعظم چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان ??اڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو. گذريل حڪومت جي دور ۾ 16 مهينا اسان جي لاءِ انتهائي مشڪل هئا. انهن مشڪل حالتن ۾ اسان ??لڪي معيشت کي بهتري طرف گامزن ڪيو. هن وقت اسان ڪرڪيٽ، هاڪيءَ ۽ ٻين راندين جي رانديگرن کي ادارن ۾ شامل ڪرڻ جي پاليسي جو اعلان ڪيو هو. هاڻي ان کي يقيني بڻايو ويندو ته اسان جي ناليواري رانديگرن کي ادارن ۾ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته جيئن اهي راند جي مي??ان ۾ پوري طرح پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي سگهن ۽ انهن کي وسيلن جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوي. وزيراعظم بي?? الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي جي اندر ان ??اليسي کي جاري ڪري ۽ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان ??وقعي تي پاڪستان ??اڪيءَ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شهباز احمد چيو ته هن تقريب ۾ اسان کي شرڪت ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. وزيراعظم رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي. انشاءَ هي پاڪستان جي لاءِ ميڊلز کٽي ا??ند??. اڳوڻي اولمپيئن فلائنگ هارس سميع الله چيو ته قومي هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن جي ڪري اسان کي هن تقريب ۾ شرڪت جو موقعو ملي رهيو آهي. اسان جي دعا آهي ته پاڪستان ۾ هاڪيءَ کي هٿي ملي. هاڪيءَ جي رانديگرن جي حوصلا افزائي اهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ۽ رانديگرن کي به گهرجي ته اهي پنهنجي ڪارڪردگي سان ثابت ڪن ته اهي پاڪستان جي لاءِ کٽي ميڊلز آڻ??ند?? رهن. اڳوڻي اولمپيئن صلاح الدين چيو ته هاڪيءَ ٽيم جي رانديگرن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. وزيراعظم راندين ۾ ڀرپور دلچسپي وٺي ٿو ۽ راند ۽ رانديگرن سان ??حبت ڪري ٿو. وزيراعظم ان شيءَ کي محسوس ڪيو ته انهن رانديگرن جي حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. هاڪيءَ اسان جي قومي راند آهي. ان ??وقعي تي وزيراعظم پاڪستان ??اڪيءَ ٽيم جي رانديگرن، ايٿليٽ ارشد نديم ۽ پيرس اولمپڪس جي لاءِ ڪوالفائي ڪندڙ رائيفل شوٽنگ ٽيم ۾ چيڪ ورهايا.