اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ??ي وچ ?? ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو و??جاءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو و??جاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو و??جاءُ ڪيو. قطر جي امير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني ??وام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ??يڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻنهي اڳوا??ن هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو و??جاءُ ڪيو.