اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چيف ??ف آرمي اس??اف جنرل سيد عاصم منير ملاقات ڪئ?? ۽ کيس پاڪستان جي صدر ۽ هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئ??. چيف ??ف آرمي اس??اف صدر جي ڪامياب مدي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات دوران چيف ??ف آرمي اس??اف صدر کي دهشتگردي جي خلاف جاري فوجي آپريشنز کان آگاهه ڪيو. هن ملاقات ۾ روايتي خطرن جي خلاف آپريشنل تيارين تي پڻ روشني وڌي. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ع??ائ??ن سميت ترقياتي منصوبن ۾ فوج جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ صدر پاڪستان جي هٿياربند فوج جي مثالي ڪردار کي ساراهيو. صدر چيو ته رياست جي خدومختياري ۽ ع??ائ??ائي سالميت جي تحفظ ۾ فوج جون خدمتون اهم حيثيت رکندڙ رهيون آ??ن. صدر متاثر ع??ائ??ن جي سماجي ترقي جي لاءِ فوج جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. صدر قومي ترقي طرف پاڪ فوج جي اڻٿڪ عزم کي پڻ اجاگر ڪيو. صدر دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر قومي طاقت جي سمورن عنصرن جي ذريعي دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو. صدر جو هڪ مخصوص سياسي پارٽي ۽ ان جي ڪجهه ماڻهن پاران اداري ۽ ان جي قيادت جي خلاف محدود سياسي مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هنيل بي بنياد ۽ بنا جواز الزامن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر رڪاوٽ وجهندڙ عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. صدر قوم جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن جو رت سدائين پاڪستاني قوم جي استقامت ۽ طاقت جي علامت رهندو. صدر شهيدن ۽ انهنجي خاندانن جي قربانين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. صدر شهيدن ۽ انهن جي خاندانن جي عزت ۽ تڪريم جي لاءِ قوم جي پختي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي جا قدر برقرار رکڻ جي لاءِ يڪجهتي ۽ عزم جو پڻ اظهار ڪيو ويو.