اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ??ام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي م??اث??ين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران ??ي حڪو??ت سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ??اري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ان ??ي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. بيان موجب اها عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقانوني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان ??ي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪر?? ۽ ??يرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻ??ئڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان ??وڪي.