اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ع??ي امين گنڊاپور سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شر??ف وزيراعظم هائوس اچڻ تي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي آجيان ڪ??دي چيو ته چار ئي صوبا وفاق جون اڪائيون آهن، چار ئي صوبا گڏجي هلندا ته ملڪ ترقي ڪندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ع??ي امين گنڊاپور وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رک??دي خيبرپختونخواهه جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان کي گڏجي ويهي سمورن مسئلن جو حل ڪڍڻو پوندو، اسان جي سمورين گڏيل ڪوششن ۾ عوامي ڀلائي اولين ترجيح هوندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت چئني صوبن بشمول خيبرپختونخواهه سان هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ ۽ رابطا مضبوط بڻائڻ تي يقين رکي ٿي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پڻ ان عزم جو اظهار ڪيو ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت سٺي نيت سان اڳتي وڌڻ چاهي ٿي ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوباب??دي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ رياستي ۽ سرحدي معاملن واري وفاقي وزير امير مقام ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.