اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ??طرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان ??طرفن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان ??عاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.