اسلام آباد- 10 جنوري (اي پي پي) تعيلم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي خ??طر?? ڪرائي آهي ته ڊيلي ويجز ملازمن جا مئسلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. تعليم واري وزارت مان جاري ڪيل پريس رليز مطابق هن اها خ??طر?? ڊيلي ويجز ملازمن جي وفد سان م??اق??ت دوران ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه 227 ڊيلي ويجز ملازمن کي ريگيولر ??رڻ جي به منظو?? ڏني آهي. هن چيو ته انهن ڊيلي ويجز ملازمن ايف پي ايس سي جي ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، ان ڪري انهن کي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي مطابق ريگيولر ڪيو ويندو، جنهن کي سپريم ڪورٽ پڻ برقرار رکيو آهي. هن چيو ته استاد قومن جي جوڙجڪ ڪندا آهن ۽ انهن کي هر طرح جي سهولت فراهم ??رڻ گهرجي ته جيئن هو پنهنجو ڪم چڱيءَ ريت انجام ڏئي سگهن. هن سرڪاري شعبي خاص ڪري وفاقي گاديءَ واري شهر ۾ تعليم جي معيار کي بلند ??رڻ جي پنهنجي عزم کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جو انگ به اولين ترجيح آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ سڀ ڪوششون ڪيون پيون وڃن ته ان انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي.