لاهور – 01 – جنوري (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ بلوچ خاندانن جي معاملي کي غلط رنگ ??نو پيو وڃي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي، دهشتگردي جي نئين لهر جو پوري طاقت سان مقابلو ڪيو پيو وڃي. هو لاهور ۾ ڪاروباري سهولت مرڪز جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته افسوس جو مقام آهي جو بلوچ خاندانن جي معاملي کي حقيقتن جي ابتڙ پيش ڪيو پيو وڃي ڇو ته بلوچ ته رياست پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن جي قتل ۾ دهشتگرد ۽ هٿياربند عسڪريت پسند ملوث آهن جيڪي ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ استادن کي ماري رهيا رهيا هئا. رياست انهن دهشتگردن سان پوري طاقت سان وڙهندي ڇو ته انهن کي ماڻهن کي مارڻ جو لائيسنس نه ٿو ڏئي سگه??ي. ??ن چيو ته احتجاج سڀني جو آئيني حق آهي پر اهو احتجاج قانون جي دائري ۾ رهي ٿيڻ گهر??ي. ??يڊيا جي هڪ حصي پاران تنقيد جو حوالو ڏيندي ??گر??ن وزيراعظم چيو ته حڪومت بلوچ خاندانن سان نه وڙهي رهي آهي، رياست جي ويڙهه بلوچن سان نه پر دهشتگرد تنظيمن سان آهي. هن چيو ته اهي دهشتگرد ”را“ کان پئسا ۽ فنڊنگ وٺي رهيا هئا ۽ صوبي ۾ ماڻهن کي قتل ڪري رهيا هئا. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 90 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو ماريا ويا پر هيستائين شايد ئي 9 ڏوهارين کي سزا ڏني وئي ه??ي. ??ن چيو ته ملڪ ۾ ڪريمنل جسٽس سسٽم ۾ بهتري جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اظهار جي آزادي تي ڪا پابندي نه آهي. ڊي آئي خان ۾ جي يو آءِ (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان جي گاڏين تي مبينا فائرنگ جي واقعي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي، حڪومت خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي علائقن ۾ سيڪيورٽي خطرن جو جواب سمورن دستياب وسيلن سان ڏئي رهي آهي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ته پرامن چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سم??را وسيلا ۽ سيڪيورٽي اوزار استعمال ۾ آندا ويندا. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان جلد قسط ملڻ جي اميد آهي، آءِ ايم ايف کان تڏهن ئي ڇوٽڪارو ملندو جڏهن اسان وڌ کان وڌ ٽيڪس گڏ ڪنداسين، قرضن جي صحيح استعمال سان ئي بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا، ايف بي آر هن ڀيري جيترو ٽيڪس گڏ ڪيو آهي، اهو اڳ ۾ ماضي ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي احتجاج سڀني جو حق آهي، قانون ان جي لاءِ هوندا آهن ته جيئن ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. هن چيو ته ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ پنجاب حڪومت جا قدم ساراهه جوڳا آهن، وفاقي حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪندي.