ڪوئ??ٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پيمرا ر??لز تحت لائيسنس يافته ٽي وي چينلز چئني صوبائي گادي ??ارن شهرن ۾ پنهنجُون بيورو آفيسون قائم ڪرڻ جا پابند آهن، جيڪي چينل پنهنجا بيورو بند ڪري رهيا آهن، انهن جي مالڪن س??ن ڳالهه ڪنداسين، ميڊيا ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي اهتمام هيٺ بول نيوز، روزاني دنيا ۽ روزاني انتخاب مان ورڪرز جي جبري برطرفين جي خلاف منعقد مظاهري سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪيو. بلوچستان يونين آف جرنلسٽس جي صدر عرفان س??يد ان موقعي تي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ميڊيا ورڪرن جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻن، بلوچستان ۾ اڳ ۾ ئي روزگار جا موقعا محدود آهن. ان موقعي تي اطلاعات واري نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي صحافين جي برطرفي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙيون پاليسيون لازمي آهن جيڪي صحافي برادري سميت ملازمن جي حقن جو تحفظ ڪن.