راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته امن جي ??قت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ??يدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪور جي ڪور سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي ??وقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽ??-4 ٽينڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي ??يادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت ج?? واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مد?? وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ??احول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن رات جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن جي ??قت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ??يدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگهي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.