نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪ?? آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ ??ان انساني الميو جنم وٺي رهي?? آهي، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف قانون موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني مشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيويارڪ دورو پڄاڻي تي پهتو ۽ ان دوران ملڪي سربراهن ۽ اهم وفدن ??ان ٻرطرفيون ملاقاتون ٿيون، مجموعي طور تي هي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس ??ان ملاقات ٿي، دوري دوران ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي هندوتوا تي ڳالهه ٿي، مختلف فورمز تي موسمياتي تبديلي جو معاملو پڻ اٿاريو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي ۽ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، قوم جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ايراني صدر ??ان ملاقات دوران گهڻ رخي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي?? آهي، پاڪستان ڀارت ??ان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بي رحمي طريقي ??ان قتل ڪيو ويو ان ??ان اولهه ملڪن کي جهٽڪو لڳو هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن ۽ اهي سنجيده سوال اٿاري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، سکن سميت سمورن اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي اهڙي طرح جي رويي جي روڪٿام لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ??ان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، پاڪستان افغانستان جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي ذريعي قدم کڻي رهي?? آهي، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??ان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف ??ان اعتماد سازي جي لاءِ قدمن تي عمل پيرا آهيون، جڏهن ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ته اها پنهنجي منشور موجب آءِ ايم ايف ??ان ڳالهين کي اڳتي کڻي هلندي. هن چيو ته شين جي په?? ۽ طلب، ذخيره اندوزي ??ان مهانگائي ٿئي ٿي، ذخيره اندوزن، کنڊ مافيا، ڪڻڪ مافيا جي خلاف سخت انتظامي قدم کنيا آهن جنهن ??ان مصنوعي مهانگائي ختم ڪئي آهي، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي ڪا کوٽ نه آهي، مصنوعي غيرقانوني ڪرنسي ٽريڊ ۾ مداخلت ??ان ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن کي ساراهيو وي?? آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڻوڻندڙ ماحول جو تاثر صحيح نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ??مر??ڪا ??ان گهڻ رخا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن، ??مر??ڪا ۾ 10 لک پاڪستاني رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ??مر??ڪا ۾ پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپس تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، پاڪ ??مر??ڪا اتحاد ۽ تعاون جي پراڻي تاريخ آهي. هن چيو ته پاڪستان آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا آهي، نگران حڪومت ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آهي. هن چيو ته جڙانوالا واقعو پاڪستاني رياست جي لاءِ ايتري بدنامي جو سبب نه بڻيو جيترو مني پور جا واقعا ڀارت جي لاءِ شرمناڪ آهن، مني پور رياست ۾ مسيحي برادري ??ان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مني پور ۾ سوين مرد عورتن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته جڙانوالا واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان بطور رياست ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي. مون ۽ آرمي چيف ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو جلد اعلان ڪندي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو، اڃا تائين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي ناهي لڳائي، جيڪو ملڪي قانونن جي خلاف ورزي ڪري ۽ شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان په??ائي ۽ پوءِ چوي ته ان جو سياست ??ان تعلق آهي ته اهڙي طرح جي سرگرمين تي بنا دير جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته قانونن ۾ ڪنهن ??ان صنفي فرق نه ٿو ڪيو وڃي، قانون تي عمل پيرا آهيون، ڪنهن ٻاهرئين قوت کي جوابده نه آهيون، ا??ان خودمختيار ملڪ آهيون. هن چيو ته پاڪستاني شهري هجن يا ٻين ملڪن ??ان تعلق رکندا هجن، قانون جي خلاف ورزي تي انهن جي خلاف پاڪستاني قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين ??ان شفاف ۽ غيرجانبدراڻو رويو رکندي، نواز شريف جي معاملي تي قانون تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته روس ا??ان جو اهم پاڙيسري ملڪ آهي ان ??ان هر سطح تي تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي منشور جي ڪنهن ملڪ کي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن خودمختيار ملڪ جي خودمختياري جي خلاف ورزي جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته مسئلا جنگ ??ان نه ڳالهين جي ذريعي حل ٿيندا آهن، يوڪرين ۽ روس کي ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهي?? آهي، غاصب قوتون منظم طريقي ??ان مخالفن جي نسل ڪشي ڪن ٿيون، ڪشمير ۾ نسل ڪشي ??ان انساني الميو جنم وٺي رهي?? آهي، هزارين ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو وي?? آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ڊالر، کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آهي، ا??ان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي رخ تي گامزن ڪري چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي حوالي ??ان عالمي ذميواريون آهن جن کي پورو ڪرڻ ا??ان جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس دوران 10 ارب ڊالر جو واعدو ڪيو ويو اميد آهي ان واعدي تي عمل ڪيو ويندو، ان حوالي ??ان ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي وي?? آهي ۽ باقي تي جلد ڪم شروع ٿيندو، منصوبابندي واري وزارت کي ان حوالي ??ان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪنهن کي ٻاهرئين ملڪ مان وطن واپس ايندڙ پاڪستانين کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ جي شڪار ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آهي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ۽ وفدن ??ان ملاقاتون ٿيون. انهن پاڪستان ??ان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس جي موقعي تي ترڪيه ۽ سعودي عرب ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي تائيد ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. پاڪستاني سفارتخانا ٻاهرئين ملڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.