نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ک?? پاڪستان جهڙن ڪمزور اسرندڙ ملڪن جي ??رورتن، ترجيحن ۽ حالتن موجب فعال بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان فنڊ ک?? موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن جي ??المي ردعمل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جي ??نتظامن“ جي موضوع تي مشاورتي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ مصر جي پرڏيهي وزير سامح شڪري ۽ يو اي اي جي ??نعت ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري وزير ۽ ڪوپ – 28 جي نامزد صدر ڊاڪٽر سلطان احمد الجابر پڻ شريڪ ٿيا. نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران اعلان ڪيو ته پاڪستان ڪامياب ڪوپ – 28 جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم جاري رکندو. گذريل سال جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين طور پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. نگران پرڏيهي وزير ڪوپ – 28 ۾ هڪ مضبوط، موثر ۽ وسيلن سان ڀرپور ”لاس اينڊ ڊيميج فنڊ“ کي فعال ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي ??جويز جي ??مايت ڪئي. هن چيو ته اڄ جي مشاورت هڪ خوش آئنده موقعو آهي ته ان سان عبوري ڪميٽي جي ??حثن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي غور ڪيو وڃي ۽ اهو ڏسڻ جي لاءِ ته هن سال جي ??خر ۾ دبئي ۾ ڪوپ – 28 ۾ ڪميٽي جي ڪم جي ٺوس ۽ نتيجاخيز تڪميل کي ڪيئن يقيني بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي آفتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ خاص طور تي پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ جيڪي موسمياتي تبديلين جي ??ڀ کان وڌيڪ خطرن جو شڪار آهن اتي لکين ماڻهن کي شديد تڪليفن، مصيبتن ۽ نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪوپ – 28 مان اميدون تمام واضح آهن ته اها لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ک?? ڪامياب بڻائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جي ??مايت ۾ مثبت ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. تڏهن کان اسان عبوري ڪميٽي جي ??مل ۾ تعميري طور تي مصروف عمل آهيون. هن چيو ته اسان جي مخلصاڻي اميد ۽ ڪوشش آهي ته ڪوپ – 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ ک?? فعال ڪرڻ جي لاءِ ان جي ??داراجاتي انتظامن سان گڏوگڏ ”فنڊنگ جي ??نتظامن“ بابت سمورن باقي مسئلن کي عبوري ڪميٽي جي ??ندر حل ڪيو ويندو. هن چيو ته سمورن ڪمزور اسرندڙ ملڪن کي انهن جي ??رقي جي ??طح ۽ جاگرافيائي گروهه بندي کان هٽ?? ڪري ان جو اهل هجڻ ضروري آهي. ڪنهن به ڪمزور اسرندڙ ملڪ کي پٺتي نه ڇڏڻ گهرجي. فنڊ ک?? ڪنهن مخص??ص گروپ يا اسرندڙ ملڪن جي گروپن تائين محدود ڪرڻ جي ڪا به تجويز واضح طور تي فنڊ قائم ڪرڻ جي پٺيان گڏيل روح، مقصد ۽ ڪوششن جي ??لاف هوندي. هن چيو ته اضافي، مناسب، نان ڊيبٽ پيداوار ۽ گرانٽ تي ٻڌل پبلڪ فنانس لاس اينڊ ڊيميج فنڊنگ جو بنيادي ذريعو هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته يو اين ايف سي سي ۽ پيرس معاهدي سان لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ??هليت جي معيار، پروگرامن ۽ پاليسين جي ??ف بندي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊ ک?? ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي جي ??پريٽنگ اداري طور ڪم ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح فنڊ وٽ هڪ وقف ۽ خودمختيار سيڪريٽريٽ هجڻ گهرجي ??ه جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ??ه فنڊ جي پاليسين تي عملدرآمد ۽ ڪوپ ۽ سي ايم اي کان رهنمائي جي فراهمي غيرجانبداراڻي طريقي سان ڪئي وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪوپ – 28 ۾ نئين ”فنڊنگ انتظامن“ تي ”هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي ڪائونسل“ قائم ڪرڻ جي ??جويز جي پڻ حمايت ڪريون ٿا، جنهن ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪوپ 28 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي ڪامياب آپريشنلائيزيشن جي لاءِ تعميري انداز ۾ سمورين ڌرين ۽ عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.