اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته چين هڪ اعتماد جوڳو ۽ آزمايل دوست آهي، پاڪستان چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان عوامي جمهوريه چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ سان ملا??ات دوران ڳالهائيندي ??يو جنهن کيس ايوان صدر ۾ پنهنجُون سفارتي سندُون پيش ڪيُون. صدر کي وينزويلا ۽ ڪولمبيا جي (غيررهائشي) سفيرن پڻ سفارتڪاري سندون پيش ڪيون ۽ ساڻس جدا جدا ملا??ات ڪئي. پاڪستان ۾ چين جي نامزد سفير چيانگ زي دنگ جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، چين ??دا??ين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، پاڪستان سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، منصوبي سان پاڪستان جي بنيادي ??انچي کي جديد بڻائن، صلاحي وڌائڻ ۽ پائيدار توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي. صدر چيو ته پاڪستان سي پيڪ تحت سمورن منصوبن جي وقت تي تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي، هن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي سان گڏوگڏ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصول?? موقف جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا ٿورا ??ڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان وينزويلا جي نامزد سفير هوزي رافيل سلوا اپونٽي پڻ ملا??ات ڪئي. پاڪستان وينزويلا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ تي خصوصي زور ڏي ٿو. صدر چيو ته وينزويلا جا سيڙپڪار پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر سان ڪولمبيا جي نامزد سفير جوليو اينيبل ريانو ويلانڊيا پڻ ملا??ات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪولمبيا سان اقتصادي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سفير پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.