اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ۽ نيول هيڊڪوارٽرز جي وچ ۾ سالياني ا??ٽا?? ڳالهه ٻولهه پرڏيهي آفيس ۾ ٿي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف (آپريشنز) وائيس ايڊمرل اويس اي بلگرامي ڳالهه ٻولهه ۾ لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ميري ٽائيم افيئرز جي وزارت پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات پاڪستان جي سامونڊي مفادن بشمول ميري ٽائيم سيڪيورٽي، بليو اڪانومي، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ماحولياتي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي جي ضرورتن بابت هڪ ٺوس جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. بيان موجب سامونڊي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف علائقائي ۽ عالمي فورمز ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ مختلف شعبن ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت وڌائڻ جي موقعن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي سامونڊي مفاد مڪمل طور تي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ ميري ٽائيم ڊومين ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٺوس قومي ميري ٽائيم پاليسي فريم ورڪ کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي ضرور?? تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستان جي سامونڊي ۽ بليو اڪانومي جي صلاحيتن جي ا??راڪ ۽ سامونڊي ڊومين ۾ موثر عالمي حصيداري کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ هڪ فعال ملڪي ماحولياتي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرور?? تي زور ڏنو. شرڪت ڪندڙن ان مقصد کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ هم آهنگي ??ي گهرو ڪرڻ ۽ لاڳاپيل ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪيو.