اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ا??ن ۽ ماحول کي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ ٺوس قدمن کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته دنيا جا سمورا مذهب معاشري ۾ ٻڌي ۽ برابري تي زور ڏين ٿا، مذهبن امن جي لاءِ وڏي جستجو ڪئي آهي، چاهيون ٿا ته امن ۽ محبت جو پيغام عام ٿئي، پاڪستان دنيا جي لاءِ گنڌارا تهذيب ج?? قديم تاريخ جي منفرد ميلاپ ۽ ٻڌ جي ا??ن ۽ همدرديءَ جي پيغام سان هڪ قيمتي دُوار کوليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ڪلچرل ڊپلوميسي: پاڪستان ۾ گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌسٽ هيريٽيج جي بحالي“ جي موضوع تي ٽن ڏينهن واري گنڌا??ا سمپوزيم 2023ع کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. سمپوزيم جي ا??تتاحي سيشن ۾ اسلام آباد ۾ مقرر م??تل?? ملڪن جي سفارتڪارن، مذهبي اڳواڻن، آثار قديمه جي ماهرن، تعليمي ماهرن ۽ زندگي جي م??تل?? شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، مملڪتي وزير ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي سميت ٻين ملڪي ۽ پرڏيهي نمائندن پڻ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو. صدر چيو ته م??تل?? تهذيبن بابت ڄاڻڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، واديءَ سنڌ جي تهذيب ج?? ڳاڻيٽو دنيا جي ا??م تهذيبن ۾ ٿئي ٿو، مذهبي ڪتابن ۾ گنڌارا تهذيب ج?? به ذڪر آهي. هن چيو ته ٻڌا جي تعليم امن، محبت ۽ رواداري جو درس ڏي ٿي، موجوده دور ۾ صبر ۽ تحمل ضروري ٿي چڪو آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته م??تل?? تهذيبن کي اختلاف وساري گڏجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي سمپوزيم منعقد ڪرڻ تي ا??سٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سمورن مذهبن امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان جي لاءِ مذهبن وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته دنيا کي ا??ن ۽ بهتر ماحول جي ضرورت آهي. صدر چيو ته دنيا کي تڪرارن کان هٽي ا??ن طرف وڃڻ گهرجي ۽ تهذيبن کي لاحق خطرن کي روڪڻو پوندو. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود تقريب ۾ شرڪت تي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته سمپوزيم منعقد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ملندو. هن چيو ته پشاور، ٽيڪسلا ۽ تخت ڀائي گنڌارا تهذيب جا اهم شهر رهيا آهن. وزيراعظم ٽاسڪ فورس گنڌارا ٽوئرازم جي چيئرمين ڊاڪٽر رميش و??نڪواڻي سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گنڌا??ا سميت ڪيترين ئي تهذيبن جا اثار موجود آهن، ثقافتي سياحت جي ذريعي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ثقافتي ۽ مذهبي سياحت م??تل?? ملڪن ۽ معاشرن کي ويجهو آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي.