برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان ??فاهمت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ يورپي يونين ڏ??ڻ ايشيا بابت وفد جي ملڪن سان ??اڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقات دوران طئي ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب مملڪتي وزير حنا رباني کر زور ڏنو آهي ته ڏ??ڻ ايشيا ۾ اس??حڪ??م عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، مملڪتي وزير ڏ??ڻ ايشيا بابت ٽريڊ مانيٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي ميمبر ڪراميڪس سان ??ڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي و?? ڪئي. هن يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ۽ نئين جي ايس پي پلس جي نمائندي هيڊي بائوتالا سان ??ڻ ملاقات ڪئي. ان ??وقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪرين جي موقعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ترقي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا رباني کر انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان ??ڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ پاڪستان جي موقف تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يورپي پارليامينٽ برنارڊ گوئٽا سان ??لاقات ۾ مملڪتي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي و?? ڪئي. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.