اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) پا??ستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو دور آستانه قازقستان ۾ ٿيو. (افغانستان ۽ اولهه ايشيا) بابت ايڊيشنل سيڪريٽري سيد احسن رضا شاهه پا??ستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته قازقستان جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير ڪنات ت??يش ڳالهه ??ولهه ۾ پنهنجي ملڪ جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي طرفن مشاورت جي دوران سياسي ۽ سفارتي، واپاري، اقتصادي رابطن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مختلف رخن تي تفصيلي ڳالهه ??ولهه ڪئي. ڌرين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن، سيڪا، او آءِ سي، اي سي او ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي فريم ورڪ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جو پڻ جائزو ورتو. ڌرين ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ۽ ايندڙ مهيني جي شروع ۾ سڌوسنئون اڏامن جي بحالي جي آجيان ڪئي. پا??ستان قازقستان ٻطرفي سياسي مشاورت ڌرين کي ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح جو ٺوس جائزووٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو. ٻنهي طرفن گڏيل دلچسپي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو.