اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سا?? پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن ??ار?? مملڪتي وزير مسگ??نو اريگا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن ??ار?? مملڪتي وزير مسگ??نو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن ??ار?? مملڪتي وزير سا?? ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ڪراچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سا?? گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سا?? پاڪستاني واپارين کي آفريقي ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارتخ??نو قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارتخ??نو کوليو هو.