اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏي?? عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏي?? عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آ??يس پاران جاري بيان موجب و??يراعظم دعوت تي گڏي?? عرب امارات جي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا مڃيا. وزيراعظم موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏي?? عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏي?? عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي ??زيراعظم ان ڳالهه ??ي زور ڏنو ته ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ??اڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏي?? عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن.